Subh Theendo (Political Science)
Book Cover

Subh Theendo (Political Science)

by Rasool Bux Palijo

Est. 9h 26m 313 Pages 363 reading now
Prologue
درويش ۽ الله لوڪ ماڻهو سڀني ڏٺا ۽ ٻڌا آهن. نه ڪنهن جي هنئي ۾ نه کنئي ۾. پرايا ٽپڙ ۽ ملڪيت ته ٺهيو، پر پچار کان به پري، پنهنجا ڪن جهليو پيا هلندا آهي. نه دين جي خبر، نه دنيا جي. پنهنجو پاڻ ۾ گم. بک به تهڙي، ڍؤ به تهڙو. نفعي نقصان، هوند اڻهوند جي چڪر کان پري، جيڪي قسمت ۾ هوندو سو ملندو. ڪو ڦري ته ڇا، جي ماري ويو ته ڇا، جي ’سڀ ڪنهن جي نيت‘ وڃي ڇائي پائي. اکين جو ڍو، پيٽ جي بک، پاڻيهي ڪيتو ڏيندو، اسان جو الله اسان سان، جيئن چهنب ڏني اٿس، تيئن چوڻو به ڏيندو“.ڪي قومون به درويش ۽ الله لوڪ ٿينديون آهن، جيئن اسين سنڌي ماڻهو. اسين پنهنجي هزار سالن جي تاريخ ۾، دنيا جي هڪڙي ڪنڊ وٺيو، پنهنجا ڪن جهليو، منهن ويڙهيو لڪا پيا آهيون.هر دور ۾ گهر توڙي ٻاهر جي چورن، پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن ڦريو، ماريو، پر پاڻ ڪنهن جو نالو به ڪو نه ورتو. گهڻو گهڻو ٿيو ته ڪنهن مهل ڪنهن کي لٺ کڻي گهر مان تڙي ڪڍيوسون، ٻيو ٿيو خير. سڀ ڪنهن جي نيت!انسان ذات جي لکن سالن جي ڌاڙن جو ڦاٽ نيٽ ڦاٽي پيو. دنيا ۾ انقلابي طوفان اُٿيا، ڦريل ماريل ماڻهن لکين سال کورن ۾ پچي، ڪڙهي ٻَري، جهُري مَري، رُڃن ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي، نيٺ اصل ڌاڙيلن جا ڏس پتا هٿ ڪري ورتا ۽ پيرا کڻي وڃي سڳ سوڌو کين سندن ٿم ۾ جهليو ۽ سندن چيلهن ۾ ٽوڙها وڌا، پر اسان جي دل ۾ خير!ايراني ماڻهن ٻي ڪا واهه نه ڏسي، لاچار منگول وحشي چاڙهي، عرب خليفي سڳوري ۽ سندس رهزن لوڌ جي گهر تي ٽانڊا رکائي ڇڏيا. جرمني، چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي هارين پنهنجون فوجون ٺاهي، سلطنتون زير زبر ڪري ڇڏيون. يورپ جي واڻين، وڪالن ۽ شهرين، وڏا وڏا ڌڱ، نواب ۽ بادشاهه ڪُهي ڇڏيا. روس، چين ۽ ويٽنام، ڪوريا، يمن ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن ظالمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. سڄيءَ دنيا جا عوام موذين تي مارا ٻڌيو بيٺا آهن، پر اسان دوريش سنڌين جي دل ۾ خير، ’سڀڪو پنهنجي نيت لوڙيندو...‘-الله ڏسندن!‘ذري گهٽ هزار سوا سال اسين درويش رهيا آهيون. اهو عرصو گهٽ ڪونهي، بهتر آهي ته هاڻي ڪجهه اکيون کوليون، ڪجهه ڏسون وائسون، ڪجهه ويچار ڪريون، ڪجهه ڳولا ڪريون.جيئن چوندا آهن ته ديون جو ساهه ڪنهن طوطي وغيره ۾ هوندو هو، تيئن سماج جو ساهه ان جي گذر جي وسيلن ۾ هوندو آهي. گذر جي وسيلن لاءِ جيڪا لٺ لڳندي رهي آهي، ان جو نچوڙ سڏجي ٿي سياست. اهڙيءَ ريت سنڌي عوام جي ساهه جون نسون، سياسي اقتدار لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ اٽڪيل آهن.اهو ڪيئن هٿ ٿئي؟ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌي؟ اهو هيستائين عوام کي هٿ ڇو ڪو نه آيو آهي؟ هيتريون ڪوششون ناڪام ڇو ٿيون آهن؟ هاڻ ڇا ڪجي؟ هن ڪتاب ۾ ڏنل مضمونن ۾ انهن سوالن مان ڪن اهم سوالن جا ٿلهي ليکي جواب، قومن جي تقدير بدلائڻ جي سائنس جي روشنيءَ ۾ ڏيڻ جي ڪوش ڪئي ويئي آهي.ڪنهن زماني ۾ ماڻهو بيمارين جو علاج رڳو جنترن منترن، ڦيڻن ڦوڪارن، ڌمالن ۽ پلتين سان ڪندا هئا. اڃا به اڪثر ماڻهو انهيءَ ’علاج‘ جو شڪار آهن، پر هاڻي روز بروز ماڻهو باقاعدي ڊاڪٽري علاج ڏانهن لاڙو رکندا وڃن، ڪيترا ماڻهو آپريشن لاءِ به تيار ٿين ٿا.ساڳيءَ طرح قومون به هزارين سالن کان بيمارين ۾ ورتل ٿين ٿيون. انهن تي به جنائي ۽ ڀوپا تجربا ڪندا، يا پنهنجون ڪرامتون ڏيکاريندا رهيا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ قومن جي مرضن سڃاڻپ ۽ انهن کي دور ڪرڻ جا به پڪا پختا طريقا نڪتا آهن ۽ ڪيتريون قومون پنهنجو علاج انهن جي مدد سان ڪري رهيون آهن. ڪيترين کي فائدو پهتو آهي، ڪيتريون اچي چڙهيون آهن، ڪيترين هاڻ مس علاج شروع ڪيو آهي، اهي به ڄاڻ چڙهيون. وقت آيو آهي ته اسين به پنهنجي ’لا علاج‘ مرض سان باقاعدي مقابلو شروع ڪريون، دنيا جي آزمايل نسخن جو فائدو وٺون، نوان تجربا ڪريون، ڪڙين دوائن کان نه ڊڄون، آپريشن لاءِ تيار ٿيون، ۽ مرضن مان جند ڇڏايون.رسول بخش پليجو
Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Suspendisse varius enim in eros elementum tristique. Duis cursus, mi quis viverra ornare, eros dolor interdum nulla, ut commodo diam libero vitae erat. Aenean faucibus nibh et justo cursus id rutrum lorem imperdiet. Nunc ut sem vitae risus tristique posuere.

Vivamus suscipit tortor eget felis porttitor volutpat. Curabitur arcu erat, accumsan id imperdiet et, porttitor at sem. Vestibulum ac diam sit amet quam vehicula elementum sed sit amet dui. Donec rutrum congue leo eget malesuada.
Pellentesque in ipsum id orci porta dapibus. Sed porttitor lectus nibh. Nulla quis lorem ut libero malesuada feugiat. Mauris blandit aliquet elit, eget tincidunt nibh pulvinar a. Donec rutrum congue leo eget malesuada.

Read the Full Book

Register for a free membership to continue reading Subh Theendo (Political Science) and gain unlimited access to our entire library.

Continue Reading

Secure & Ad-Free Experience